دادا ڀائي ڦالڪي

دادا ڀائي ڦالڪي

دادا ڀائي ڦالڪي

دادا ڀائي ڦالڪي: پاڪ - ڀارت فلمي صنعت جي باني ڀائي ڦالڪي'>دادا ڀائي ڦالڪي 1870ع ڌاري بمبئيءَ ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو دادا صاحب ڌونڌ راج گووند ڦالڪي هو. 1910ع ۾ آمريڪا انڊيا پڪچر پئليس ۾ پهريون ڀيرو حضرت عيسيٰ عليه السلام جي زندگيءَ تي پيش ڪيل فلم ’دي لائيف آف ڪرائيسٽ‘ کي ڏسي کيس فلمن ٺاهڻ جو شوق ٿيو. دادا ڀائي هڪ سٺو مصور، سنگتراش، فوٽو گرافر، ڊرامانويس، موسيقار ۽ ٻين فنڪارانه صلاحيتن جو مالڪ هو. کيس فلم ٺاهڻ لاءِ ابتدا ۾ هڪ دوست مالي مدد ڪئي. ان کانپوءِ 1912ع ۾ انگلنڊ ويو، جتان جي اسٽوڊيو ۾ وڃي معلومات حاصل ڪيائين ۽ فلم ٺاهڻ لاءِ ضروري سامان خريد ڪري، پندرهن ڏينهن بعد واپس هندستان اچي فلم ٺاهيائين.
هن ڇهن مهينن جي محنت کانپوءِ پهرين فيچر فلم ’راجا هريش چندر‘ 18 مئي 1913ع تي پيش ڪئي. ان وقت تائين فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪابه عورت فلم انڊسٽريءَ ۾ نه آئي هئي. ان ڪري هن جي فلم ۾ هيروئن جو رول به هڪ مرد ادا ڪيو هو. سندس يادگار فلمن ۾: ’ڀسما سور موهني‘، ’لنڪا ڌان‘، ’ساوتري، ستيه دان‘، ’شري ڪرشنا چمنا‘، ۽ ’ڪاليا مردان‘ شامل آهن. هن پنهنجين سمورين فلمن جون ڪهاڻيون پاڻ لکيون ۽ انهن جي فوٽوگرافي ۽ هدايتڪاريءَ جا فرض به پاڻ انجام ڏنا. دادا ڀائي 21 سال انڊيا جي فلم انڊسٽريءَ سان وابسته رهيو. هن 100 کان مٿي فلمون ٺاهي نمائش لاءِ پيش ڪيون. بمبئيءَ ۾ سندس نالي سان دادا صاحب ڦالڪي روڊ موجود آهي، جنهن جي موڙ تي سندس مجسمو پڻ نصب ٿيل آهي.
هن 1944ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ دادا ڀائي ڦالڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.05.18  عيسوي

هن ڇهن مهينن جي محنت کانپوءِ پهرين فيچر فلم ’راجا هريش چندر‘ 18 مئي 1913ع تي پيش ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالقاسم نمڪين
عاصمه جهانگير
ممتاز علي ڀنڊ
مير يار محمد ٽالپر
جارج ايليٽ
گدا حسين سمو
ڪشنداس چندرا آڏواڻي
آمنه بيبي
پير جهنڊو
تارا چند شوقيرام
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون